راولپنڊي شاپنگ مالز ۽ مارٽس مان چوري ڪندڙ ملزم گرفتار 32 لک رپيا هٿ

راولپنڊي ۾ ٿاڻي صادق آباد پوليس ڪارروائي ڪندي شاپنگ مالز ۽ مارٽس مان لکين رپين جي چوريءَ ۾ ملوث ملزم کي گرفتار ڪري ورتو۔ پوليس موجب گرفتار ملزم جي قبضي مان 32 لک رپيا نقدي برآمد ڪئي وئي۔ ابتدائي جاچ دوران ظاهر ٿيو ته ملزم ٽي مختلف شاپنگ مالز ۽ مارٽس ۾ چوريون ڪيون هيون۔ پوليس مطابق ملزم واردات کان اڳ مال بند ٿيڻ کان ٿورو اڳ اندر لڪي ويندو هو ۽ بعد ۾ تالا ٽوڙي نقدي ۽ قيمتي سامان چوري ڪري وٺندو هو۔ پوليس ملزم خلاف مقدمو داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو