ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جو اڳوڻي وڏو وزير علي امين گنڊا پور کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير خيبرپختونخوا علي امين گنڊا پور کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو۔ تفصيل موجب شراب ۽ هٿيار برآمدگي ڪيس جي ٻڌڻي جوڊيشل مجسٽرٽ مبشر حسن چشتي جي عدالت ۾ ٿي، جتي علي امين گنڊا پور پيش نه ٿيو ۽ سندس وڪيل راجا ظهورالحسن به غير حاضر رهيو۔ عدالت جوابدار جي لڳاتار غير حاضريءَ تي سخت برهمي ظاهر ڪندي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا۔ پوليس کي حڪم ڏنو ويو ته علي امين کي گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي۔ ڪيس جي ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي۔ ياد رهي ته علي امين گنڊا پور خلاف ٿاڻي باره ڪو ۾ شراب ۽ هٿيار برآمدگي جو مقدمو داخل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو