لاهور ۾ فضائي آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 581 تي پهچي ويو

صوبائي گادي لاهور ۾ فضائي آلودگي جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، جتي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس (AQI) 500 جي خطرناڪ حد پار ڪري 581 تائين پهچي ويو آهي۔تفصيل موجب لاهور سميت پنجاب جا ڪيترائي شهر اڄ به سخت اسموگ ۽ فضائي آلودگي جي لپيٽ ۾ آهن۔ عالمي ماحولياتي اداري IQAir جي رپورٽ مطابق لاهور دنيا جي سڀني کان وڌيڪ آلودہ شهرن جي فهرست ۾ ٻيهر پهريون نمبر حاصل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته دھلي 253 AQI سان ٻئي نمبر تي آهي۔رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ٻين شهرن مان فيصل آباد 761 AQI سان آلودگي ۾ پهريون، ملتان 460 سان ٽيون، شيخوپوره 449، جھنگ 427 ۽ پتوڪي 376 تي رڪارڊ ٿيا۔ماحولي ماهرن موجب پنجاب ۾ وڌندڙ اسموگ شهرين لاءِ سنگين صحت جا مسئلا پيدا ڪري رهي آهي، جن ۾ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، اکين جي جلن ۽ دل جون بيماريون شامل آهن۔

پنھنجي راءِ لکو