ڀارت جي شهر حيدرآباد جي علائقي راجندر نگر ۾ انڊيگو ايئرلائين سان لاڳاپيل هڪ ايئر هوستس مبينا طور پنهنجي حياتي جو خاتمو ڪري ڇڏيو۔ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، 23 ورهين جي جانوي گپتا جو تعلق جمو سان هو ۽ هوءَ انڊيگو ايئرلائين ۾ ڪيبن ڪريو طور ڪم ڪندي هئي۔ هوءَ شيوارامپلي جي علائقي ۾ پراويڊنٽ ڪين ورتھ اپارٽمينٽ ۾ پنهنجي ساٿي سان رهائش پذير هئي۔رپورٽن مطابق، 24 آڪٽوبر جي رات جانوي پنهنجي ٻن ساٿين ۽ هڪ دوست سان گڏ فليٽ ۾ پارٽي ڪئي، جنهن کان پوءِ سڀ پنهنجي پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا۔ صبح 4 وڳي جي لڳ ڀڳ جانوي پنهنجي ڪمري ۾ لٽڪي حياتي ختم ڪري ڇڏي۔صبح سندس ساٿي دروازو کڙڪائڻ باوجود ڪو جواب نه آيو، جنهن تي دروازو ٽوڙي ڏٺو ته جانوي جي لاش لٽڪيل هئي۔پوليس موجب، جانوي جي گهر وارن ٻڌايو ته هوءَ ڪجهه ڏينهن کان ڊپريشن ۾ مبتلا هئي۔ پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي۔
