ذريعن موجب آءِ ايم ايف اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي، جڏهنته اَي آر واءِ نيوز جي رپورٽ موجب آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد جي معاملي تي اين ايف سي جو اجلاس 18 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاق صوبن کي اين ايف سي بابت مشاورت لاءِ ساڳئي تاريخ تي مدعو ڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن اجلاس جي تاريخ ٻيهر تبديل نه ٿي ته يارهين قومي مالي ايوارڊ بابت اهم ڳالهه ٻولهه ٿيندي۔ نئين ايوارڊ لاءِ ڪميشن جي تجويزن تي آءِ ايم ايف به آن بورڊ هوندو، جڏهنته نئين ايوارڊ لاءِ ڪيترائي اجلاس ٿيڻ جو امڪان آهي، جن کي مڪمل ٿيڻ ۾ لڳ ڀڳ ڇهه کان اٺ مهينا لڳي سگهن ٿا۔ هن کان اڳ صوبن جي درخواست تي سيلاب سبب پهريون اجلاس ملتوي ڪيو ويو هو۔ سٺي خبر اها آهي ته آءِ ايم ايف جي رضامندي کانپوءِ عوام تي مني بجيٽ جو خطرو في الحال ٽلجي ويو آهي۔
