وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته صوبي ۾ امن ۽ امان جي صورتحال مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ڪنهن به شخص کي انتشار پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔وزيراعليٰ مريم نواز سان اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ محمد احمد خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ ملاقات دوران قانون سازي جي مرحلن ۽ اسيمبلي جي ڪارروائي بابت به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ امن خراب ڪندڙن سان سختي سان نمٽبو۔ مريم نواز واضح ڪيو ته انتشار جي ڪنهن به صورت اجازت نه ڏني ويندي۔اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ڪاروبار ۾ آسانی لاءِ ’اي بز‘ سهولت متعارف ڪرائڻ تي مريم نواز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ امن امان ۾ بهتري تي پنجاب جي عوام جي طرفان انهن جو شڪريو ادا ڪو۔ملاقات دوران وزيراعليٰ اسپيڪر کي اسيمبلي جي معاملن ۾ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ تي ساراهه ڪئي۔ مريم نواز چيو ته پنجاب جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏن شهرن بدران ننڍن شهرن مان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن۔انهن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ ڪاروبار جا بهترين موقعا موجود آهن ۽ سيڙپڪارن کي انهن مان فائدو وٺڻ گهرجي۔ پنجاب حڪومت ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن جي هر ممڪن مدد ڪندي۔ملڪ محمد احمد خان چيو ته پهريون ڀيرو ترقياتي منصوبن جو مرڪز رڳو لاهور نه پر سڄو پنجاب، خاص طور تي پسمانده علائقا آهن۔
