خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ سينيٽ جي عام سيٽ تي ضمني چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، هيءَ سيٽ اڳوڻي وفاقي وزير شبلي فراز جي نااهلي سبب خالي ٿي هئي۔اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ صبح 9 وڳي شروع ٿي جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهندي۔ هن سيٽ لاءِ ٽئي اميدوار ميدان ۾ آهن، جن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو خرم ذيشان، مسلم ليگ (ن) جي حمايت يافته تاج محمد آفريدي ۽ عرفان سليم شامل آهن۔چونڊ جي شروعاتي مرحلي ۾ پهريون ووٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار احسان الله وجھيو۔ سياسي مبصرن موجب خرم ذيشان ۽ تاج محمد آفريدي وچ ۾ سخت مقابلو متوقع آهي۔خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ڪل ميمبرن جو انگ 145 آهي، جڏهن ته ڪاميابي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 73 ووٽ گهربل آهن۔ هن وقت ايون ۾ پي ٽي آءِ جا 92 ۽ اپوزيشن جا 49 ميمبر موجود آهن، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي (اين اي پي) جا چار ميمبر ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔هاڻي تائين 77 ميمبرن پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيا آهن۔ اسيمبلي جي عمارت ۾ سڪيورٽي جا سخت انتظامات ڪيا ويا آهن۔ پوليس موجب هڪ ايس پي، چار ڊي ايس پيز، ٻه انسپيڪٽر ۽ 262 اهلڪار ڊيوٽي تي مقرر آهن، جڏهن ته ايس ايس پي آپريشنز سڪيورٽي جي نگراني پاڻ ڪري رهيو آهي۔اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سينيٽ جي هيءَ سيٽ شبلي فراز جي نااهلي کان پوءِ خالي ٿي هئي۔
