سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي خوشخبري حڪومت 85 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي ۽ وڌندڙ ڪرائنن مان رليف ڏيڻ لاءِ هائوس رينٽ سيلنگ ۾ 85 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ذرائع موجب وفاقي ڪابينه هي منظوري سمري سرڪوليشن ذريعي ڏني۔ اضافو گريڊ 1 کان 22 تائين جي سڀني وفاقي ملازمن لاءِ اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئٽه ۾ لاڳو ٿيندو، جنهن سان قومي خزاني تي لڳ ڀڳ 12 ارب رپين جو بار پوندو۔وزارتِ هائوسنگ اينڊ ورڪس وفاقي ڪابينه کي تجويز ڏني هئي ته وڌندڙ مهانگائي ۽ ڪرائنن سبب سرڪاري ملازمن جي ڪرائي الائونس ۾ نمايان اضافو ڪيو وڃي۔وزارت ٻڌايو ته شهري علائقن ۾ ڪرائن ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي ۽ موجوده الائونس سان مناسب رهائش حاصل ڪرڻ ملازمن لاءِ ڏکيو ٿي ويو آهي۔ياد رهي ته آخري ڀيرو رينٽل سيلنگ ۾ تبديلي 28 سيپٽمبر 2021 تي ڪئي وئي هئي۔

پنھنجي راءِ لکو