ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ مڪمل طور پر پرعزم آهي ۽ ڪنهن به بيروني جارحيت جو جواب سخت ۽ شديد انداز ۾ ڏنو ويندو۔تفصيل موجب، ڊي جي آءِ ايس پي آر ايبٽ آباد ۾ مختلف يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن سان خاص ملاقات دوران پاڪ-افغان تڪرار، ملڪي سيڪيورٽي صورتحال ۽ معرڪهءِ حق سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي۔ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ فتنہءِ خوارج خلاف اثرائتا ۽ فيصلائتا قدم کنيا آهن۔هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، ۽ ڪنهن به بيروني جارحيت جو جواب سخت ۽ شديد انداز ۾ ڏنو ويندو۔
