نادرا پاران نڪاح جي آن لائن داخلا جو آغاز شهرين لاءِ وڏي سهولت

نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) محدود سطح تي يونين ڪائونسلن ۾ نڪاح جي آن لائن داخلا جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو شهرين لاءِ سرڪاري خدمتن تائين رسائي کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جو قدم آهي۔نادرا جي بيان موجب پاک آءِ ڊي (Pak ID) موبائل ايپ ذريعي شهري پنهنجو نڪاح لاڳاپيل يونين ڪائونسل ۾ رجسٽر ڪرائي سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ هو پنهنجو شادي جو سرٽيفڪيٽ ايپ جي آءِ ڊي والٽ مان آساني سان ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا۔نادرا جي ترجمان موجب هي سهولت في الحال محدود علائقن ۾ جاري ڪئي وئي آهي، پر جلد ئي ان کي سڄي ملڪ جي يونين ڪائونسلن تائين وڌايو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو