ڪوھستان ميگا مالي اسڪينڊل ۾ نيب وڏي اڳڀرائي ڪندي گرفتار عورت جي گهر تي ڇاپي دوران 20 ڪروڙ رپيا هٿ ڪري ورتا، نيب موجب اها عورت مرڪزي جوابدار قيصر اقبال جي زال آهي، ٻنهي کي ايبٽ آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ احتساب عدالت ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪيو آهي، جڏهنتہ هن اسڪينڊل ۾ 20 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ نيب اڄ تائين لڳ ڀڳ 30 ارب رپيا هٿ ڪري چڪي آهي۔
