پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ 27هين آئيني ترميم ضروري آهي۔پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سياسي ۽ آئيني پيچيدگين باوجود، مقامي حڪومتن کي طاقتور بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔هن وضاحت ڪئي ته آئيني آرٽيڪل 140-اَي تحت مقامي حڪومتن جو قيام لازمي آهي، پر هر نئين حڪومت ماضي ۾ بلدياتي نظام کي ختم ڪيو آهي۔ملڪ محمد احمد خان موجب “هي قرارداد هڪ اهم قدم آهي جنهن سان بلدياتي ادارن کي آئيني ۽ مالي خودمختياري ملي سگهندي۔”هن تجويز ڏني ته آئين ۾ هڪ نئون باب شامل ڪيو وڃي جيڪو لوڪل گورنمينٽ کي تحفظ ڏئي، جيئن نيشلن فنانس ڪميشن (NFC) کي آئين ۾ تحفظ حاصل آهي۔اسپيڪر چيو ته صوبائي حڪومتن کي مقامي حڪومتن جي قيام ۽ اختيارن تي کلي ڳالهه ڪرڻي پوندي۔ “پنجاب اسيمبلي آئين ۾ ترميم نٿي ڪري سگهي، اهو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي، پر جيڪڏهن ستاويهون ترميم ضروري آهي ته فوراً ڪئي وڃي۔”هن چيو ته پاڪستان جي 77 سالن مان 50 سال اهڙا گذريا جن ۾ مقامي حڪومتون موجود نه هيون، “جڏهن لوڪل ڪائونسل نه هوندي ته عوام جا مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟”ملڪ محمد احمد خان چيو ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ بلدياتي ادارن جو غيرفعال هجڻ رياستي نظام تي منفي اثر وجهي رهيو آهي۔آخر ۾ هن اميد ظاهر ڪئي ته پيپلز پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام ۽ پي ٽي آءِ سميت سڀ سياسي پارٽيون آرٽيڪل 140-اَي جي اهميت کي تسليم ڪنديون۔هن زور ڏنو ته “اختيارتن جي منتقلي نچلي سطح تائين عوامي ڀلائي لاءِ ضروري آهي، 27هين ترميم وقت جي گهرج بڻجي وئي آهي۔”
