فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي مالي سال جي پهرين چار مهينن (جولاءِ کان آڪٽوبر) دوران 270 ارب رپين جي آمدني ۾ گهٽتائي جو مسئلو درپيش رهيو۔ذريعن موجب ايف بي آر 4109 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ صرف ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪري سگهيو، جڏهنته ان ئي عرصي دوران 205 ارب رپيا ريفنڊ طور جاري ڪيا ويا۔آڪٽوبر 3840مهيني ۾ به 70 ارب رپين جو شارٽ فال سامهون آيو، جتي 1026 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ گهٽ صولي ٿي۔انڪم ٽيڪس مان 438 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس مان 345 ارب، فيڊرل ايڪسايز ڊيوٽي مان 70 ارب ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي مان 107 ارب رپيا حاصل ٿيا۔ان مهيني دوران 48 ارب رپيا ريفنڊ طور جاري ڪيا ويا۔ذريعن مطابق عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ايف بي آر جو ساليانو آمدني هدف 14 هزار 131 ارب رپين کان گهٽائي 13 هزار 970 ارب رپيا مقرر ڪيو، جنهن سان لڳ ڀڳ 169 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي۔
