جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي قومي اسيمبلي ميمبر نعيمه کشور خان پارليامينٽ لاجز ۾ طبي سهولتن جي کوٽ تي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي غلام مصطفيٰ شاهه کي خط لکي ڇڏيو آهي۔نعيمه کشور خان، جيڪا اين اي 317 مان چونڊيل آهي، پنهنجي خط ۾ لکيو ته پارليامينٽ لاجز جي ڊسپينسري ۾ ويل چيئر ۽ ايمبولينس موجود نه آهي، اسپتال کان لاجز تائين منتقلي لاءِ به ايمبولينس فراهم نه ڪئي وئي۔سندس چوڻ آهي ته سندس درخواست تي ٽوٽي ويل چيئر ڏني وئي، زخم جي پٽي لاءِ عورت عملي جي کوٽ آهي، جڏهن ته موجود عملي جو رويو به توهين آميز آهي۔نعيمه کشور خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊسپينسري جو عملو معمولي علاج لاءِ مريضن کي پولي ڪلينڪ موڪلي ٿو، تنهنڪري ڊپٽي اسپيڪر کان مطالبو آهي ته بي ڌياني ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي فوري طور هٽايو وڃي۔
