پاڪستان جي نئين نجي ايئر لائن ايئر ڪراچي جو باقاعده افتتاح ٿي ويو۔ افتتاحي تقريب اولڊ ايئرپورٽ ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن سان ملڪ جي هوا بازي شعبي ۾ هڪ نئين اداري جو اضافو ٿيو۔چئرمين ايئر ڪراچي حنيف گوهر چيو ته هي ايئر لائن 42 ڪاروباري ڀائيوارن جي سهڪار سان قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪراچي جي سڃاڻپ ۽ اقتصادي سرشتي کي ٻيهر اجاگر ڪرڻ جي علامت آهي۔هن ٻڌايو ته ايئر لائن جو خيال 2006ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ ڊگهي جدوجهد کان پوءِ اڄ اهو خواب حقيقت بڻجي ويو آهي۔حنيف گوهر موجب جنرل عاصم منير جي سيڙپڪاري فروغ واري ويزن ۽ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ايئر ڪراچي جو آغاز ملڪي معيشت جي مضبوطي ۽ مقامي صنعتن جي واڌاري لاءِ اهم قدم آهي۔تقريب جا خاص مهمان سڪريٽري ڊفينس ليفٽننٽ جنرل (ر) محمد علي هئا، جن چيو ته ڪراچي جي بزنس ڪميونٽي ملڪ جو نالو ٻيهر فخر سان مٿي ڪيو آهي، ۽ حڪومت نئين ايئر لائينز ۽ ايڊيئيشن شعبي جي اسٽيڪ هولڊرز کي مڪمل سهڪار ڏيندي۔ذريعن موجب ايئر ڪراچي طرفان سول ايڊيئيشن اٿارٽي (PCAA) کي فيبروري 2025ع ۾ آر پي ٽي لائسنس لاءِ درخواست ڏني وئي هئي، جنهن جي منظوري وفاقي حڪومت جي اجازت سان ٿيندي۔ايئر لائن جي قيام لاءِ 5 ارب رپين جي ابتدائي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هر شيئر هولڊر 5 ڪروڙ رپيا لڳايا آهن۔ايئر ڪراچي جا سي اي او طور سابق ايئر وائس مارشل (ر) عمران کي مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ شروعاتي مرحلي ۾ ٽئي جهاز ليز تي حاصل ڪيا ويندا۔سيڙپڪارن ۾ عقيل ڪريم ڊهاڊي، عارف حبيب، ايس ايم تنوير، بشير جان محمد، خالد تواب، زبير طفيل ۽ حمزه تباني شامل آهن۔
