وفاقي وزير دفاع خواجه آصف چيو آهي ته طورخم بارڊر رڳو انهن افغان شهرين جي نيڪالي لاءِ کوليو ويو آهي جيڪي غيرقانوني طور پاڪستان ۾ مقيم آهن، هتان ڪنهن به قسم جي واپار جي اجازت نه هوندي۔ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته غيرقانوني طور پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين جي واپسي جو عمل جاري رهڻ گهرجي، جيئن هو ٻيهر هتي مستقل طور نه ٽڪي سگهن۔خواجه آصف موجب، هن وقت افغانستان سان هر قسم جو رابطو معطل آهي، ويزا پروسيس پڻ بند ڪيو ويو آهي، ۽ جڏهن تائين ڳالهيون مڪمل نه ٿينديون، اهو عمل معطل ئي رهندو۔هن وڌيڪ چيو ته افغان شهرين جو معاملو پهريون ڀيرو بين الاقوامي سطح تي آيو آهي، ترڪيه ۽ قطر ان حوالي سان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔ اڳ افغانستان غيرقانوني افغان رهواسين جي مسئلي کي تسليم نه ڪندو هو، پر هاڻي عالمي سطح تي انهن جي ذميواري واضح ٿي وئي آهي۔وزير دفاع چيو ته جيڪڏهن افغانستان مان ڪا غيرقانوني سرگرمي ٿيندي ته ان جو نقصان افغانستان کي ڀرڻو پوندو۔ سیز فائر جي ڀڃڪڙي پاڪستان نه پر افغانستان طرفان ٿي رهي آهي۔خواجه آصف جو چوڻ هو ته دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبي خيبرپختونخوا آهي، ۽ سڀ ادارا چاهين ٿا ته افغانستان جي مسئلي جو جلد حل نڪري، جيڪو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن افغان زمين تان دهشتگردي مڪمل طور ختم ٿيندي۔هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي پروڪسي وار جا ثبوت اشرف غني جي دور کان موجود آهن، ڀارت پاڪستان کي اوڀر ۽ اولهه سرحدن تي مصروف رکڻ چاهي ٿو، پر اوڀر واري پاسي ڀارت کي شڪست ملي آهي ۽ مودي هاڻي خاموش آهي۔خواجه آصف پراميد آهي ته ترڪيه ۽ قطر جي ثالثي سان سٺا نتيجا سامهون ايندا۔
