پنجاب حڪومت ڌند ۽ وڌندڙ اسموگ سبب صوبي جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جا وقت تبديل ڪري ڇڏيا آهن۔ڊي جي ماحولياتي تحفظ اداري (EPA) ڊاڪٽر عمران حميد شيخ موجب، صوبي جا سڀ سرڪاري ۽ نجي اسڪول 3 نومبر2025 کان صبح 8:45 وڳي کان اڳ نه کلي سگهندا۔نئون شيڊول 31 جنوري 2026 تائين لاڳو رهندو۔ڊاڪٽر عمران حميد شيخ چيو ته نون وقتن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اسڪولن تي 5 لک کان 10 لک رپين تائين ڏنڊ وڌو ويندو۔هن ٻڌايو ته لاهور ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ اسموگ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، جنهن سبب اسڪولن جا نوان وقت مقرر ڪيا ويا آهن۔
