بالي ووڊ جي سُپر اسٽار شاھ رخ خان جي 60هين سالگرھ جي موقعي تي سندس ايندڙ ايڪشن فلم “ڪنگ” جو پھريون ٽيزر جاري ڪيو ويو۔ڀارتي ميڊيا موجب، 2 نومبر تي شاھ رخ خان جي سالگرھ عالمي سطح تي اسٽارڊم، اسٽائل ۽ سنيما جو جشن بڻجي وئي۔ ڊائريڪٽر سدھارتھ آنند، پروڊڪشن ھائوسز مارفلڪس پڪچرز ۽ ريڊ چليز انٽرٽينمينٽ گڏجي فلم جو ٽائيٽل ’ڪنگ‘ ظاهر ڪيو، جيڪو فوري طور سوشل ميڊيا تي ڇانئي ويو۔هڪ منٽ ڊگهي ٽيزر ۾ شاھ رخ خان کي پهريان ڪڏهن به نه ڏٺل روپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي-ڪاري لباس، انوکي وارن جي اسٽائل ۽ ڪنن ۾ زيورن سان، جڏهن هو شدت ۽ افراتفري مان گذري ٿو۔ٽيزر جي شروعات ان جملي سان ٿئي ٿي جيڪو اڳ ئي وائرل ٿي چڪو آهي:”100 ملڪن ۾ بدنام، دنيا ڏنو صرف هڪ نالو -ڪنگ!”ڊائريڪٽر سدھارتھ آنند ٽيزر شيئر ڪندي لکيو:
“ڪنگ جو شو ٽائيم شروع سنيماز ۾ 2026!”-ٽيزر ۾ تيز رفتار ايڪشن، شاندار ويژولز ۽ شاھ رخ خان جي دبنگ موجودگي ڏيکاري وئي آهي، جيڪا ياد ڏياري ٿي ته ڇو کيس بالي ووڊ جو ’ڪنگ‘ چيو وڃي ٿو۔فلم کي سدھارتھ آنند جي وڏي اسڪرين اسپيڪٽيڪل جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي، ۽ ان کي سندس ڪيريئر جي سڀ کان وڏي فلم چيو پيو وڃي۔ريڊ چليز انٽرٽينمينٽ ۽ مارفلڪس پڪچرز جي گڏيل پيشڪش 2026 ۾ ٿيٽرز ۾ رليز ٿيندي۔ٽيزر شاھ رخ خان جي مداحن لاءِ سالگرھ جو خاص تحفو بڻجي ويو۔
