پشاور جي انسداد دهشتگردي عدالت (سي ٽي ڊي) ٿاڻي ۾ بارودي مواد جي ڌماڪي سبب هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو۔ايس ايس پي آپريشنز مسعود بنگش موجب ابتدائي تحقيقات مان معلوم ٿيو آهي ته مال خاني ۾ رکيل بارودي مواد ۾ ڌماڪو شارٽ سرڪٽ جي ڪري ٿيو۔ڌماڪي سبب هڪ اهلڪار جي موت ٿي وئي ۽ ٿاڻي جي عمارت جو هڪ حصو پڻ منھدم ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي۔ٻئي پاسي، سي سي پي او ميان سعيد ٻڌايو ته ٿاڻي ۾ موجود 4 ملزمان کي ٻي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، ابتدائي طور تي ٿاڻي تي ڪنهن به قسم جي حملي جا شواهد نه مليا آهن۔
