راولپنڊي جي اڊياله جيل مان هڪ ڏکوئيندڙ خبر سامهون آئي آهي۔عمر قيد جي سزا ڪاٽيندڙ قيدي مشتاق جي حالت اوچتو خراب ٿي وئي، جنهن ڪري کيس تڪڙي طور تي اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو۔جيل ذريعن موجب قيدي جي حالت بگڙڻ بعد کيس ايمرجنسي طور منتقل ڪيو پئي ويو، پر زندگي جي بازي نه جيتائي سگهيو۔واقعي بعد پوليس چوڪي اڊياله طرفان قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي۔
