بابا گورو نانڪ جي 556هين جنم ڏينھن جون تقريبون ننڪاڻا صاحب ۾ شروع سڄي دنيا مان سک ياترين جي آمد جاري

سِکن جي روحاني اڳواڻ بابا گورو نانڪ جي 556هين جنم ڏينهن جون ٽي ڏينهن واريون تقريبون ننڪاڻه صاحب ۾ شاندار طريقي سان شروع ٿي ويون آهن۔سڄي دنيا مان سِک ياترين جي آمد جو سلسلو جاري آهي، جڏهن⁠ته اندروني ۽ ٻاهرين ملڪن مان لڳ ڀڳ 30 هزار ياتري مرڪزي تقريب ۾ شرڪت ڪندا۔ڀارت مان ٻه هزار کان وڌيڪ سِک ياتري واھگھه بارڊر رستي ننڪاڻه صاحب پهچندا، جن جي آجيان لاءِ تياريون مڪمل ٿي ويون آهن۔ضلعي انتظاميا طرفان سِک ياترين جي سڪيورٽي لاءِ فول پروف انتظامات ڪيا ويا آهن، جتي پنج هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي تي مقرر آهن۔سِک مهمانن لاءِ سھولت مرڪز، بئنڪ، مني ايڪسچينج ۽ مفت شٽل سروس جو به انتظام ڪيو ويو آهي۔گوردوارہ جنم استھان ۾ علاج لاءِ مني اسپتال قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن⁠ته ستن ئي گوردوارن ۾ ڊسپينسريون ۽ ريسڪيو ڪيمپ پڻ لڳايا ويا آهن۔ياترين لاءِ لنگر جو وسيع انتظام موجود آهي ۽ شهر ۾ صفائيءَ جا بهترين انتظامات ڪيا ويا آهن۔بابا گورو نانڪ جي جنم ڏينهن جي مرڪزي تقريب 5 نومبر تي گوردوارہ جنم استھان ۾ ٿيندي، جڏهن⁠ته تقريبون 6 نومبر تي ختم ٿينديون۔

پنھنجي راءِ لکو