ن ليگ چارسده جو اڳواڻ بابر خان ايبٽ آباد ۾ 300 فوٽ کوٽائي واري کاهيءَ ۾ ڪري فوت

ايبٽ آباد جي گليات علائقي ۾ هڪ ڏکيو حادثو پيش آيو، جتي مسلم ليگ (ن) چارسده جو نائب صدر بابر خان عمرزئي تفريحي دوري دوران **پهاڙ تان پير ترڪي 300 فوٽ کوٽائي واري کاهيءَ ۾ ڪري فوت ٿي ويو۔رپورٽن موجب بابر خان نٿيا گلي جي ڀرسان پهاڙي علائقي ۾ موجود هو، جتي اوچتو سندس پير ترڪي ويو ۽ هو کوٽائي ۾ ڪري پيو۔ريسكيو ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتيون، لاش کي کاهي مان ڪڍي نٿيا گلي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔شروعاتي اطلاع موجب بابر خان جي سر ۽ جسم تي سخت چوتون لڳيون، جن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔بابر خان جو تعلق چارسده سان هو ۽ هو ن ليگ جي نائب صدر جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو۔وفاقي وزير براءِ ڪشمير امور، گلگت بلتستان ۽ سي فرا ن انجنيئر امير مقام بابر خان جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو۔
هن چيو ته بابر خان هڪ با صلاحيت، متحرڪ ۽ مخلص سياستدان هو، جنهن جي اوچتي موت نه رڳو ن ليگ پر سڄي سياسي برادري لاءِ ناقابلِ تلافي نقصان آهي۔امير مقام موجب بابر خان جي خدمتن کي احترام سان ياد رکيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو