ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪراچيءَ جو حال موهن جو دڙو کان به بدتر ٿي ويو آهي۔اي آر وائي نيوز جي پروگرام باخبر سویرا ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اي چالان جي نالي تي شهرين کان ڏهه ڏهه هزار رپيا وٺي ذهني اذيت ڏني پئي وڃي۔فاروق ستار موجب حڪومت ڪراچي وارن تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس مڙهي رهي آهي، جڏهن ته ماڻهو اڳ ئي ٽيڪس ڏين ٿا، پر هاڻي صبر جي حد ختم ٿي وئي آهي۔
هن چيو ته شهر جون روڊون ٽٽل پيون آهن، گهٽيون ڀڳل ۽ تباهه ٿي ويون آهن، پر حڪومت عوام جي تڪليف بدران صرف پيسا گڏ ڪرڻ ۾ لڳل آهي۔فاروق ستار جو چوڻ هو ته “جهنگلن جو به ڪو قانون هوندو آهي، پر ڪراچيءَ ۾ قانون نالي ڪا شيءِ باقي ناهي۔”هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ٽرئفڪ جام ٿئي ٿو ته بائڪ وارا فٽ پاٿ تان رستو ٺاهين ٿا، ڇاڪاڻتہ شهر ۾ مارڪنگ ۽ زيبرا ڪراسنگ جو وجود ئي نظر نٿو اچي۔
