قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي ايئرڪرافٽ انجنيئرز پنهنجن جائز مطالبن جي حق ۾ گذريل اڍائي مهينن کان احتجاجي طور ڪاريون پٽيون ٻڌي ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن۔سوسائٽي آف ايئرڪرافٽ انجنيئرز (سيپ) جي ذريعن موجب، ڊگهي ۽ پرامن احتجاج جي باوجود انتظاميا انجنيئرز سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔ذرائع جو چوڻ آهي ته انجنيئرز جون تنخواهون 8 سال کان نه وڌايون ويون آهن، جڏهنته قومي ايئر لائن کي جهازن لاءِ فاضل پرزن جي شديد کوٽ آهي۔انهن ٻڌايو ته انتظاميا طرفان انجنيئرز تي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي جهازن کي پرواز جي ڪليئرنس ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ٿو، ۽ ڪيترين حالتن ۾ پرزا تبديل ڪرڻ کانسواءِ جهاز اڏائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو، جيڪو سيڪيورٽي اصولن جي ابتڙ آهي۔ذرائع جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ انجنيئر کي ڪينيڊا جي پرواز کي قاعدن موجب ڪليئر نه ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو۔انجنيئرز جو چوڻ آهي ته هو انتظاميا جي دٻاءَ ۾ اچي مسافرن جي زندگين کي خطري ۾ نه وجهي سگهن ٿا۔ انهن واضح ڪيو ته هو ادارتي نجيڪاري جا مخالف نه پر حامي آهن، پر فلائيٽ سيفٽي تي ڪوبه سمجھوتو نه ڪيو ويندو۔ذرائع موجب انجنيئرز هڪ سال کان جهازن لاءِ فاضل پرزن جي کوٽ بابت انتظاميا کي آگاهه ڪري رهيا آهن ۽ مسافرن جي سلامتي کي ترجيح ڏين ٿا۔
