آمريڪا ۾ تاريخي لمحو زهران ممداني نيويارڪ سٽي جو پهريون مسلمان ميئر چونڊجي ويو

آمريڪا ۾ زهران ممداني تاريخ رقم ڪندي نيويارڪ سٽي جو پهريان مسلمان ميئر بڻجي ويو آهي۔
34 سالن جي ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ اڳواڻ، اڳوڻي گورنر اينڊريو ڪومو کي شڪست ڏئي، آمريڪا جي سڀ کان وڏي شهر ۾ نئين سياسي دور جي شروعات ڪئي۔غير ملڪي ميڊيا جي مطابق، فتح جي تقريب دوران ممداني چيو ته، “اڄ هڪ نئين ڏينهن جي شروعات ٿي آهي”۔هن نيويارڪ جي عوام جو ٿورائتو ٿي چيو ته، “اڄ عوام ثابت ڪيو ته طاقت سندن هٿ ۾ آهي”۔ممداني چيو ته، “اسن نيويارڪ ۾ موروثي سياست جو خاتمو ڪيو آهي، هي شهر عوام جو آهي ۽ جمهوريت به عوام جي آهي”۔هن وڌيڪ چيو، “اسان نيويارڪ کي اهڙو شهر بڻائينداسين جتي هر مزدور سوليءَ سان رهي سگهي”۔ممداني چيو ته، “اڄ خوف هارائي ويو ۽ اميد جي فتح ٿي آهي”۔ٽرمپ کي مخاطب ڪندي ممداني چيو، “مون کي خبر آهي ٽرمپ، تون منهنجي تقرير ڏسي رهيو آهين، نيويارڪ تارڪين وطن جو شهر آهي ۽ رهندو”۔هن زور ڀريو ته، “مان مسلمان آهيان، ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ آهيان ۽ مون کي هن ڳالهه تي ڪنهن کان معافي وٺڻ جي ضرورت ناهي”۔هن چيو، “نيويارڪ ۾ اسلاموفوبيا جي ڪا جاءِ ناهي، هاڻي اسلاموفوبيا جي بنياد تي چونڊون نه کٽي سگهبيون”۔واضح رهي ته چونڊ مهم دوران ممداني کي نسلي امتيازن ۽ ٽرمپ جي حامين جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ کيس ڪيترائي ڀيرا ملڪ مان نيڪال ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون۔

پنھنجي راءِ لکو