عنوان: آغا خان يونيورسٽي جي عالمي ڪانفرنس ۾ ماهرن پاران ذهني صحت لاءِ ڪميونٽي سطح تي قدمن جو مطالبو

آغا خان يونيورسٽي جي برين اينڊ مائنڊ انسٽيٽيوٽ (BMI) پاران ذهني ۽ دماغي صحت بابت ٽي ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس مڪمل ڪئي وئي، جيڪا 3 کان 5 نومبر تائين ڪراچي ۾ آغا خان يونيورسٽي جي اسٽڊيم روڊ ڪيمپس ۾ ٿي۔هن سال جي ڪانفرنس جو موضوع هو: “مضبوط ڪميونٽيز جي تعمير — دماغي ۽ ذهني صحت جي فروغ لاءِڪوششون”۔ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن مان ماهرن، محققن، پاليسي سازن ۽ ڪميونٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جن ترقي پذير ملڪن ۾ ذهني صحت جي ترجيحن تي بحث ڪيو۔ان موقعي تي يونيورسٽي آف ليوَرپول، نیشنل انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ اينڊ ڪيئر ريسرچ (NIHR–UK) ۽ ايمپيريل ڪاليج لنڊن جا ماهر پڻ شامل هئا، جڏهن ته پاڪستان جي اڳوڻي وزيرِ مملڪت براءِ صحت ڊاڪٽر ظفر مرزا به خطاب ڪيو۔اجلاس ۾ ڊيجيٽل مينٽل هيلٿ، نوجوان ۽ هجرت، آبهوا جي تبديلي ۽ دماغي صحت، خودڪشي جي روڪٿام، ڊيمنشيا ۽ صحتمند ذهني پوڙهائپ، ۽ ڪميونٽي بنياد تي خيال جي ماڊلز تي بحث ڪيو ويو۔تقريب دوران فلمي ڏيکاءُ ۽ زنده ڪارڪردگين ذريعي ذهني مضبوطي، اميد ۽ ذاتي تجربي جا پهلو اجاگر ڪيا ويا۔يونيورسٽي آف وسڪانسن-ميڊيسن جي پروفيسر ڊاڪٽر اوزيئوما اوڪونکو چيو ته،“دماغي سائنس ۾ حيرت انگيز ترقي ٿي آهي، پر ان جو حقيقي فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن هي علم ماڻهن ۽ سماجن کي وڌيڪ صحتمند ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو۔ هي ڪانفرنس ان گڏيل مقصد جي شاندار مثال آهي۔”آغا خان يونيورسٽي جو برين اينڊ مائنڊ انسٽيٽيوٽ ۽ آغا خان ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ (AKDN) هن خال کي پورو ڪرڻ لاءِ انٽيگريٽيڊ مينٽل هيلٿ فريم ورڪ ذريعي اڳواڻي ڪري رهيا آهن۔هي فريم ورڪ استادن، ساٿين ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرن کي اهڙي تربيت مهيا ڪري ٿو، جنهن سان هو ذهني دٻاءُ جون ابتدائي علامتون سڃاڻي سگهن ۽ متاثر ماڻهن کي نفسياتي ۽ سماجي مدد فراهم ڪري سگهن، جيئن خيال کي ماڻهن جي روزمره جي ماحول تائين پهچايو وڃي۔پروفيسر ذوال مرالي، باني ڊائريڪٽر BMI چيو ته،“اسان ڏسي رهيا آهيون ته ذهني صحت هاڻي عوامي صحت ۽ ترقي جي بحثن جو مرڪزي حصو بڻجي رهي آهي۔ هي ڪانفرنس سائنس کي روزاني زندگي جي چئلينجن سان ڳنڍڻ ۽ انهن خيالن کي حقيقي تبديلي ۾ بدلڻ لاءِ هڪ پليٽفارم مهيا ڪري ٿي۔”ڪانفرنس جي پڄاڻي تي انسٽيٽيوٽ پنهنجي عزم جي تجديد ڪئي ته هو تحقيق، تعليم، شموليت ۽ جدت ذريعي ذهني صحت جي فروغ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو۔BMI پنهنجي اصول “From Neuron to Neighbourhood” جي رهنمائي ۾ اهڙي مستقبل لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جتي ذهني فلاح کي انساني ۽ سماجي ترقي جو بنيادي جزو تسليم ڪيو وڃي۔ڊاڪٽر روزينا ڪرمالياني، ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر BMI چيو ته،“اهڙيون ڪانفرنسون اسان کي ياد ڏياريون ٿيون ته ذهني صحت جي اڳڀرائي لاءِ مختلف شعبن، ملڪن ۽ ڪميونٽيز جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، ڇو ته اهڙو گڏيل عمل ئي سائنسي دريافتن کي حقيقي اثرن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو، جيڪي ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهن۔”

پنھنجي راءِ لکو