اسلام آباد ۾ هڪ وڌيڪ ڏکيو واقعو پيش آيو، جتي اڳوڻي پوليس آفيسر عبدالسلام پنهنجي رهائشگاهه تي زندگي ختم ڪري ڇڏي. پوليس موجب واقعو بني گاله جي علائقي ۾ پيش آيو، جڏهن عبدالسلام پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو هو ۽ گهر وارا موجود هئا. واقعي کان پوءِ لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب عبدالسلام ۽ سندس ڪٽنب 2 نومبر تي ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ٿيا هئا. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايس پي عديل اڪبر به اسلام آباد ۾ پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو هو.
