پوليس رائيونڊ ۾ ٿيندڙ سالياني تبليغي اجتماع لاءِ سيڪيورٽي جو مڪمل منصوبو تيار ڪري ورتو آهي۔ پوليس ترجمان موجب اجتماع جي سيڪيورٽي لاءِ 3 هزار 800 کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ هزار پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي هوندا۔ترجمان ٻڌايو ته شرڪت ڪندڙن جي سهولت لاءِ 14 هنڌن تي پوليس ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پنڊال ۾ 3 داخلا دروازا، 20 ناڪا ۽ 40 واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن۔ ان کان علاوه چوڌاري 128 سي سي ٽي وي ڪيمرن ذريعي نگراني جاري آهي۔
