اسلام آباد وفاقي وزيرِ قانون اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعلان ڪيو ته عوام کي جلد بجلي جي اگهن ۾ واضح گهٽتائي محسوس ٿيندي۔تفصيل موجب اجلاس ۾ توانائي پاليسي ۽ سولرائيزيشن منصوبي تي بحث ٿيو۔ وزيرِ قانون ٻڌايو ته وزيرِاعظم سولرائيزيشن منصوبي تي واضح موقف رکن ٿا، هن لاءِ وڏي رقم مختص ڪئي وئي آهي ۽ عمل جاري آهي۔اعظم نذير تارڙ چيو ته نيٽ ميٽرنگ ختم ڪرڻ جي تجويز هر ڀيري ڪابينا رد ڪئي آهي، حڪومت عوام دوست توانائي پاليسي تي قائم آهي۔ آءِ پي پيز بابت حڪم جاري ٿي چڪا آهن ۽ انهن تي عمل به ٿي رهيو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته بجلي جا اگهه 50 رپيا في يونٽ کان گهٽجي 32 کان 35 رپيا في يونٽ تائين پهچي ويا آهن، عوام کي جلد اها تبديلي صاف نظر ايندي۔وزيرِ قانون يقين ڏياريو ته “هائوس جا جذبات ڪابينا ۾ پيش ڪندس، انشاالله عوام جو ڪيس پوري طاقت سان وڙهندس۔”واضح رهي ته حڪومت نيٽ ميٽرنگ جي قيمت 10 رپيا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، پر وزيرِاعظم شهباز شريف عوامي دٻاءَ بعد اها تجويز رد ڪري ڇڏي۔نيپرا پڻ گيپڪو جي غير قانوني ايڊوانسڊ ميٽرنگ انسٽاليشن ۽ سولر صارفين کي ادائگين ۾ دير تي تشويش ظاهر ڪئي۔حڪومت جي نئين پاليسي تحت وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي رعايتي اگهه ڏنا پيا وڃن ته جيئن سولر توانائي ڏانهن وڌندڙ رجحان کي سست ڪري نئشنل گرڊ جي طلب وڌائي سگهجي۔
