وفاقي ڪابينه پاران 27هين آئيني ترميم ۽ آرمي راڪيٽ فورس جي قيام جي منظوري

وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ آئين جي 27هين ترميم جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت ملڪ ۾ نئين آرمي راڪيٽ فورس (ARFC) قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪا آرمي، ايئر فورس ۽ نيوي کان پوءِ چوٿين ڊفينس فورس هوندي۔ اجلاس ۾ ٽن اهم ترميمن جي منظوري پڻ ڏني وئي، جن ۾ آئيني ڪورٽ جو قيام، ججز جي ٽرانسفر جو نئون نظام، ۽ آرٽيڪل 243 ۾ تبديلي شامل آهن، جڏهن⁠ته مجموعي طور آئين جي مختلف شقن ۾ 46 تبديليون متعارف ڪرايون وينديون۔ ذريعن موجب نئين راڪيٽ فورس ۾ اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن (SPD) کي به شامل ڪيو ويو آهي، جيڪا اڳ ۾ چيئرمين جوائنٽ آف اسٽاف جي ماتحت ڪم ڪندي هئي، پر هاڻ چيئرمين جوائنٽ آف اسٽاف جو عهدو ختم ڪيو ويندو ۽ ان جي جاءِ تي ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز جو نئون عهدو قائم ڪيو ويندو، جيڪو چيف آف آرمي اسٽاف پاڻ سنڀاليندو۔ ذريعن موجب ڪابينه جي منظوري کان پوءِ ترميم کي جلد سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏيل ڪميٽي ٺاهي ويندي، جيڪا ترميمن تي غور ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي۔

پنھنجي راءِ لکو