اجلاس ۾ گردشي قرضي جي ادائيگي لاءِ 659 ارب رپين کان وڌيڪ سرڪاري ضمانتون جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئياي سي سي پاران سرڪاري پاور پلانٽس، او جي ڊي سي ايل ۽ ايس اين جي پي ايل جي واجبات جي ادائيگي بابت به فيصلا ڪيا ويا۔اعلاميي ۾ چيو ويو ته اوورسيز پاڪستانين لاءِ هوم ريميٽنس اسڪيمز کي تدريجي طور ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جيڪي 2027 تائين مڪمل طور ختم ڪيون وينديون۔ڪميٽي فيصلا ڪيو ته اسڪيم ختم ٿيڻ جي باوجود ترسيلات زر ۾ استحڪام برقرار رکيو ويندو۔ان سان گڏ، اجلاس ۾ ماري گيس فيلڊ مان ڀاڻ ٺاهيندڙ ادارن کي گيس فراهم ڪرڻ ۽ قيمتن جي تعين جي به منظوري ڏني وئي۔وزارت داخلا کي پي ڊبليو ڊي جي منتقل ٿيل عملي جي پگهارن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي به اجازت ڏني وئي۔آخر ۾، ڪميٽي پورٽ قاسم تي معدنيات ۽ ڌاتن جي برآمد لاءِ فريم ورڪ تي وڌيڪ صلاح مشورا ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي۔
