اسلام آباد/پنجاب پنجاب حڪومت صوبي جي سڀني تعليمي ادارن لاءِ سردي جي موڪلن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي۔

  • موڪلون 23 ڊسمبر 2025 کان شروع ٿينديون ۽ 10 جنوري 2026 تائين جاري رهنديون۔حڪومت اسڪول جي وقت ۾ تبديلي به آندي آهي ته جيئن شاگرد وڌندڙ ڌنڌ ۽ سموگ کان محفوظ رهنڊائريڪٽر جنرل ايجنسي براءِ ماحولي تحفظ (EPA) ڊاڪٽر عمران حميد شيخ موجب، لاهور سميت سڀ اسڪول صبح 8:45 وڳي کان اڳ نه کوليا ويندا۔
  • هي نئون شيڊول 31 جنوري 2026 تائين لاڳو رهندو۔ماحوليات جو کاتو ٻڌايو آهي ته اهو اقدام اسڪول جي وقت جي ٽرئفڪ دٻاءُ کي گهٽائڻ ۽ صبح جو سموگ گهٽائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، جيئن گاڏين مان نڪرندڙ آلودگي جا ذرات گهٽجن۔حڪومت خلاف ورزي ڪندڙ اسڪولن لاءِ 1,000 کان 1,000,000 رپين تائين جرمانا جو به انتباہ جاري ڪيو آهي
پنھنجي راءِ لکو