وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي 27هين آئيني ترميم مان وزيراعظم لاءِ استثنا واري تجويز واپس

وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي 27هين آئيني ترميم ۾ وزيراعظم لاءِ استثنا واري تجويز واپس وٺي وئي. وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ايڪس” تي جاري بيان ۾ چيو ته آزربائيجان مان واپسي تي معلوم ٿيو ته ڪجهه سينيٽرز اها شق شامل ڪئي، جيڪا وفاقي ڪابينا اجلاس کان منظور ٿيل آئيني مسودي جو حصو نه هئي.شريف چيو ته معزز سينيٽرز جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، پر مون في الفور اها ترميم واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڇو ته منتخب وزيراعظم قانون ۽ عوام جي عدالت ۾ جوابده آهي.وزيراعظم جي هدايت تي عمل ڪندي مسلم ليگ (ن) مشترڪه پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزارت اعظميٰ لاءِ مجوزه استثنا واري تجويز واپس وٺي.ميڊيارپورٽن موجب، گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٻن اراڪن، انوشه رحمان ۽ طاهر خليل سندھو هڪ ترميم پيش ڪئي هئي، جنهن موجب آرٽيڪل 248 ۾ صدر سان گڏ وزيراعظم کي به شامل ڪيو ويندو.جيڪڏهن هي ترميم منظور ٿي وڃي ها ته دوران مدت وزيراعظم خلاف فوجداري ڪيسن ۾ ڪارروائي نه ٿي سگهندي.

پنھنجي راءِ لکو