آمريڪي خام تيل جو ٻيو جهاز پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ پهتو

آمريڪي خام تيل کڻي ايندڙ ٻيو ڪارگو بحري جهاز ايم ٽي الباني پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿي ويو آهي. هي جهاز اڄ بلوچستان جي ساحل تي واقع سنرجیکو آئل ٽرمينل تي برتھ ڪندو.هي جهاز پاڪستان پهچڻ وارو ٻيو آمريڪي تيل بردار بحري جهاز آهي، جڏهن ته پهريون جهاز ايم ٽي پيگاسس 29 آڪٽوبر تي پاڪستاني بندرگاهه تي پهتو هو.سنرجیکو آئل ڪمپني موجب، ڪمپني پهريون ڀيرو 10 لک بيرل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) ڪرُڊ آئل درآمد ڪيو آهي.هي درآمد اسلام آباد ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ تجارتي معاهدي تحت ڪئي پئي وڃي. پهريون بحري جهاز پيگاسس آمريڪي شهر هيوسٽن مان 14 سيپٽمبر تي روانو ٿيو هو ۽ 29 آڪٽوبر تي سنرجیکو جي آف شور ٽرمينل تي لنگر انداز ٿيو.سنرجیکو آئل ڪمپني جو چوڻ آهي ته آمريڪي تيل جي درآمد پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻن طرفن واري واپار کي فروغ ڏيڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، ۽ ان قدمن سان پاڪستان ۾ توانائي واري شعبي ۾ نوان رستا کولبا ۽ درآمدي ذريعا ۾ تنوع ايندو.

پنھنجي راءِ لکو