اسلام آباد وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين دهشتگرد گروهن خلاف ڪارروائي ڪري ٿو ته پاڪستان مڪمل تعاون لاءِ تيار آهي۔بينالپارليماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو سڀني معزز اسپيڪرز، پارليامينٽيرينز ۽ شرڪت ڪندڙن کي خوش آمديد چوي ٿو۔ هن چيو ته امن ۽ سلامتي جي موضوع تي اڳواڻن جو گڏ ٿيڻ پاڪستان لاءِ فخر جو لمحو آهي۔وزيراعظم چيو ته امن ۽ استحڪام ئي پائيدار ترقيءَ جي بنياد آهي، پاڪستان پاڻ به ڪيترائي ڀيرا دهشتگردي ۽ امن دشمن واقعن جو شڪار ٿيو آهي۔ ترقي صرف اهڙي سماج ۾ ممڪن آهي جتي سلامتي ۽ استحڪام هجي۔شهباز شريف چيو ته پاڪستان هميشه وطن جي دفاع ۽ قومي استحڪام ۾ عزم ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪيو آهي، جڏهن ته دنيا ۾ جاري تڪرارن امن جي اهميت کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي۔هن چيو ته پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ڳالهين ۾ تعاون ڪندڙ ڀائر ملڪن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا، ڇو ته شدت پسند گروهه افغانستان ۽ علائقي جي امن لاءِ وڏو خطرو آهن۔وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن جي ارادن کي پنهنجي پيشورانه صلاحيتن سان ناڪام بڻايو آهي۔ پاڪستان دنيا کي ڏيکاريو آهي ته هو پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي لاءِ هر قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي۔شهباز شريف چيو ته پاڪستان عالمي ڀائيوارن سان گڏجي مالي سڌارن تي ڪم ڪري رهيو آهي، ڇو ته ڪو به ملڪ اڪيلي ترقي حاصل نٿو ڪري سگهي۔ ترقيءَ لاءِ امن ۽ استحڪام لازمي آهن۔آخر ۾ وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت ملڪ ۾ جامع سڌارا آندا آهن، سيڙپڪاريءَ جي فروغ، ڪاروباري سهولت ۽ ماحولياتي استحڪام لاءِ عملي قدم کنيا ويا آهن۔ هن اها خواهش ظاهر ڪئي ته دنيا جا سڀ ملڪ امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪن۔
