ٻارن جي آن لائن تحفظ لاءِ نامناسب مواد رپورٽ ڪرڻ جون هدايتون

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته ٻارن جو آن لائن تحفظ يقيني بڻائڻ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پي ٽي اي چيو آهي ته ٻارن جي جنسي استحصال تي ٻڌل ڪنهن به مواد کي فوري طور تي متعلق سوشل ميڊيا پليٽ فارمز يا پي ٽي اي کي رپورٽ ڪيو وڃي، جيئن ان کي بلاڪ يا هٽايو وڃي.پي ٽي اي پاران شهرين لاءِ نامناسب مواد رپورٽ ڪرڻ جو طريقو هيٺ ڏنل آهي:پي ٽي اي جي ويب سائيٽ www.pta.gov.pk تي وڃو ۽ اي سروس سيڪشن ۾ پنهنجو شڪايت درج ڪريو.“ان لا فل آن لائن ڪنٽينٽ” چونڊيو ۽ پنهنجون ذاتي معلومات فراهم ڪريو.ڪيٽيگريز مان “چائلڊ ابيوز” چونڊيو.رپورٽ لاءِ پليٽ فارم جو نالو، متعلق لنڪ يا اسڪرين شاٽ جي معلومات مهيا ڪريو.مختصر ۽ واضح طور تي شڪايت جو بيان ڪريو ۽ “رجسٽر ڪمپليٽ” جو بٽڻ دٻايوپي ٽي اي مطابق ٻارن سان لاڳاپيل نامناسب مواد رپورٽ ڪرڻ لاءِ 1121 تي ڪال ڪري سگهجي ٿي. پي ٽي اي زور ڏئي ٿو ته ٻارن جو آن لائن تحفظ هر شهري جي ذميواري آهي، ۽ سڀني کي گڏجي اهڙن خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن

پنھنجي راءِ لکو