ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي دهشتگردن جو حملي ناڪام سڀئي شاگرد محفوظ

آپريشن ڪمانڊر ڪرنل محمد طاهر ٻڌايو ته ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي دهشتگردن جي حملي جي تفصيلن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جا جوان سڀني ڪيڊٽس کي محفوظ جاءِ تي منتقل ڪري ڇڏيا.تفصيل موجب 10 نومبر تي پنج افغان خوارج ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملي جي ڪوشش ڪئي. دهشتگردن پهرين خودڪش ڌماڪو ڪيو ۽ پوءِ گيٽ مان داخلا ڪري شاگردن کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪري انهن جامذموم ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا.ڪرنل محمد طاهر ٻڌايو ته دهشتگردن کي هڪ مخصوص بلاڪ ۾ محدود ڪيو ويو ۽سڀني شاگردن جي حفاظت يقيني بڻائي وئي، جڏهن ته رات 10 کان ساڍي 10 وڳي تائين سڀئي دهشتگرد ختمڪياويا.زيرِ تعليم ڪيڊٽس ٻڌايو ته حملي دوران هو ڊرل ڪري رهيا هئا، ۽ استاد کين تسلي ڏني ته پاڪ فوج پهچي وئي آهي هڪ ڪيڊٽ چيو، “اسان ڄاڻون ٿا ته حملو تعليم جي دشمنن ڪيو، پر اسان تعليم کان پوئتي نه هٽنداسين.”فيلڊ مارشل عاصم منير قوم جي معمارن کي سلام پيش ڪيو ۽ هدايت ڪئي، “اهي قوم جو سرمايو آهن، انهن تي ڪنهن به حال ۾ آنچ نه ايندي.” ذريعن موجب فيلڊ مارشل عاصم منير لمحو بہ لمحو وانا آپريشن جي نگراني ڪندا رهيا.پاڪ فوج جا جوان سڀني ڪيڊٽس کي محفوظ جاءِ تي منتقل ڪيا، جڏهن ته علائقي ۾ مڪمل سيڪيورٽي بحال ڪئي وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو