حڪومت شهري ماڻهن لاءِ دلڪش ۽ منفرد گاڏين جي رجسٽريشن نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ آن لائن رجسٽريشن جو آغاز ڪيو آهي. دلچسپي رکندڙ شهري 30 نومبر تائين رجسٽريشن ڪرائي پنهنجي پسند جو نمبر حاصل ڪري سگهن ٿا.هي سهولت نئين اي آڪشن ايپ ۽ ويب پورٽل ذريعي دستياب آهي. جديد نظام، محکمه ايڪسائز، ٽيڪسيشن اينڊنارڪوٽڪس ڪنٽرول پنجاب پاران پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (PITB) جي تعاون سان تيار ڪيو ويو آهي ۽ نومبر ۾ باقاعده طور تي لانچ ڪيو ويو.هي نظام ڪار ۽ موٽر سائيڪل ٻنهي جي رجسٽريشن نمبرن جي نيلا مي آن لائن ڪري ٿو، جڏهن ته ڪامياب بوليدار جي تفصيل ايپ تي عوامي طور تي دستياب هوندي.چيئرمين پي آءِ ٽي بي فيصل يوسف ٻڌايو ته اي آڪشن سسٽم نيلا مي جي سموري عمل کي مڪمل طور تي ڊجيٽل، شفاف ۽ آسان بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سان شهري پنهنجي گهر ۾ ويهي آساني سان حصو وٺي سگهن ٿا.ماهرين موجب خوبصورت يا “خصوصي” نمبر پليٽ حاصل ڪرڻ جا ٻه وڏا سبب آهن: ذاتي اظهار ۽ سماجي وقار. ڪيترائي شهري اهڙا نمبر پسند ڪن ٿا جيڪي شخصي يا مذهبي اهميت رکن ٿا، جهڙوڪ 786، 111 يا ڄمڻ جي تاريخ، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهڙا نمبر پنهنجي حيثيت ۽ امتیاز ڏيکارڻ لاءِ حاصل ڪندا آهن.چونکہ اهڙا نمبر محدود ۽ قيمتي هوندا آهن، ان ڪري اهي اسٽيٽس سمبل بڻجي وڃن ٿا. هڪ پرڪشش نمبر پليٽ نه رڳو ذاتي سڃاڻپ جو اظهار آهي پر خوشحالي ۽ اثرورسوخ جي علامت به سمجهي وڃي ٿي.
