27هين آئيني ترميم جون تفصيلون سامهون اچي ويون وفاقي آئيني عدالت جو قيام شامل

ايونِ بالا (سينيٽ) مان منظور ڪيل 27هين آئيني ترميمي بل جون نيون ترميمون سامهون اچي ويون آهن۔تفصيل موجب بل ۾ 8 نيون تبديليون ڪيون ويون آهن، جن مان 4 شقون حذف ۽ 4 نيون شامل ڪيون ويون آهن۔آئين جي آرٽيڪل 6 جي شق 2A ۾ لفظ “وفاقي آئيني عدالت” جو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آرٽيڪل 10 ۾ گرفتاري ۽حراست سان لاڳاپيل نظرثاني بورڊ جي قيام بابت شق ۾ تبديلي آندي وئي آهي، جيڪا اڳ چيـف جسٽس پاڪستان جي تحت هئي، پر هاڻي اصطلاح “سپريم ڪورٽ آف” شامل ڪئي وئي آهي۔آرٽيڪل 176 موجب موجوده چيـف جسٽسکي آئين تحت چيـف جسٽس پاڪستان سڏيو ويندو، ۽ موجوده چيـف جسٽس جسٽس يحيى آفريدي جي دور لاءِ اهو لقب برقرار رهندو۔نئين قانون تحت وفاقي آئيني عدالت جو قيام آئين ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ۽ امڪان آهي ته سپريم ڪورٽ جا ڪجهه آئيني اختيار هن نئين اداري ڏانهن منتقل ڪيا ويندا۔گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي حڪومت سينيٽ کان منظور ڪيل بل جي ڪجهه شقن کي واپس وٺڻ جي ترميم پيش ڪئي۔وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته 27هين آئيني ترميمي بل 2025 جي شق 4 کي حذف ڪيو وڃي، ڇو ته ان ۾ چيـف جسٽس جي عهدِي بابت ابـهـام هو۔سندس چوڻ هو ته ترميم بعد چيـف جسٽس آف پاڪستان جو عهدو برقرار رهندو، ۽ جسٽس يحيى آفريدي ئي چيـف جسٽس آف پاڪستان رهندا۔ ٻنهي عدالتن مان جيڪو چيـف جسٽس سينئر هوندو، اهو ڪميشن جو چيئرمين هوندو۔

پنھنجي راءِ لکو