آمريڪا ايران جي ميزائل ۽ ڊرون پروگرام سان لاڳاپيل 32 فردن ۽ ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن۔بين الاقوامي خـبر موجب، اهي فرد ۽ ادارا ايران جي بيليسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي جي تياري ۾ مددگار آهن، جن کي هاڻيآمريڪي پابندين جو سامنا ڪرڻو پوندو۔آمريڪي محکمه خزانه جو چوڻ آهي ته ايران جو هي نيٽ ورڪ مشرقِ وسطيٰ ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحـادين لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي۔ٻئي پاسي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس جون ٻه وڏي آئل ڪمپنيون به پابندين جي فهرست ۾ شامل ڪيون هيون ۽ چيو هو ته اهي پابنديون صدر ولاديمير پييوٽن کي محتاط رويي تي مجبور ڪنديون۔ٽرمپ چيو هو: “روس تي پابنديون اصل ۾ اهو اشارو آهن ته آمريڪا اڳتي ڇا ڪرڻ وارو آهي، ۽ منهنجي خيال ۾ هي وقت پابنديون لاڳو ڪرڻ لاءِ مناسب آهي۔”هن وڌيڪ چيو ته پييوٽن سان ڳالهه ٻولهه هميشه مثبت ٿيندي آهي پر نتيجي تي نه پهچندي، تنهنڪري مون ملاقات منسوخ ڪري ڇڏي ڇاڪاڻتہ اها مناسب نه لڳي۔ساڳئي وقت اتر ڪوريا به آمريڪي پابندين جي جواب ۾ سخت ردِعمل جو اعلان ڪيو آهي۔
