حڪومت طرفان پيٽروليم شين جون نيون قيمتون ڊيزل 6 رپيا مهانگو

حڪومت پاڪستان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جون نيون قيمتون جاري ڪري ڇڏيونآهناعلاميي مطابق ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 6 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن⁠ته پيٽرول جي قيمت برقرار آهي۔ اضافي کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 284 رپيا 4 پيسا في ليٽر مقرر ٿي آهي، جڏهن⁠ته پيٽرول265رپيا 45 پيسا تي برقرار آهي پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اطلاق رات 12 وڳي کان ٿي چڪو آهي۔ٻئي طرف ملڪ ۾ 16 نومبر کان پيٽروليم شين ۾ ممڪن اضافي جي خبرن بعد نجي آئل ڪمپنين ڊيزل جي فراهمي بند يا محدود ڪري ڇڏي، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ڊيزل جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي۔پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نائب چيئرمن نعمان بٽ موجب نجي ڪمپنيون ٽي ڏينهن کان ڊيزل مهيا نه پيون ڪن ۽ مارڪيٽ ۾ مصنوعي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي۔هن ٻڌايو ته پي ايس او ڊيپوز مان ڊيزل ملي رهيو آهي پر اها مقدار ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي نجي تيل ڪمپنين ڊيزل جو ڪوٽا مقرر ڪيو آهي ۽ آرڊر پڻ بار بار رد ٿي رهيا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو