ڊيزل کان پوءِ مٽي جو تيل به 9 رپيا 29 پيسا مهانگو هڪ مهيني ۾ ٻيو ڀيرو قيمتن ۾ واڌ

حڪومت ڊيزل جي قيمت وڌائڻ بعد مٽي جي تيل ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جون قيمتون به وڌائي ڇڏيون آهن ملڪ ۾ هڪ مهيني دوران ٻنهي شين جي قيمتن ۾ اهو ٻيو اضافو آهي۔نوٽيفڪيشن موجب مٽي جو تيل 9 رپيا 29 پيسا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل آئل 6 رپيا 82 پيسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي
اضافي کان پوءِ مٽي جي تيل جي نئين قيمت 194 رپيا 34 پيسا في ليٽر جڏهن⁠ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت 170 رپيا 8 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔ اوگرا قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي۔گذريل رات ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي هئي۔ ان کان 15 ڏينهن اڳ، يكم نومبر تي به مٽي جي تيل ۽ لائيٽ ڊيزل ۾ اضافو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مٽي جو تيل 3 رپيا34 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل 1 رپيو 22 پيسا مهانگو ٿيو هوسرڪار پيٽرول جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي آهي ۽ پيٽرول جي قيمت 265 رپيا 45 پيسا في ليٽر برقرار آهي۔ياد رهي ته 16 نومبر کان پيٽروليم شين جي ممڪن اضافي جي خبرن سبب نجي آئل ڪمپنين ڊيزل جي فراهمي بند يا محدود ڪري ڇڏي هئي، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ڊيزل جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي هئي ۽ ڪيترن شهرن ۾ رسد متاثر ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو