نادرا طرفان يونين ڪائونسل مان شادي رجسٽريشن ۽ ميريچ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جو طريقو جاري

نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) يونين ڪائونسل مان ميريچ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جو تفصيلي طريقو جاري ڪري ڇڏيو آهي۔هر شادي شده جوڙي لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي شادي يونين ڪائونسل ۾ رجسٽر ڪرائين۔ هتي شادي رجسٽريشن لاءِ مڪمل طريقيڪار ڏنل آهي:گهربل دستاويز:نڪاح نامودولهي ۽ ڪنوار جي سڃاڻپ ڪارڊ جون نقولٻنهي جي والدين جي سڃاڻپ ڪارڊ جون نقولنڪاح جي شاهدن جي سڃاڻپ ڪارڊ جون نقولدولهو يا ڪنوار مان ڪو به هڪ شخص يونين ڪائونسل وڃي شادي جي رجسٽريشن ڪرائي سگهي ٿو۔ عملو پيش ڪيل دستاويزن جي تصديق ڪندو۔جيڪڏهن سڀ دستاويز ٺيڪ هجن ته عملو پنهنجي سسٽم ۾ نڪاح نامي جو اندراج ڪندو ۽ پروف ريڊنگ لاءِ درخواست ڏيندڙ کي پرنٽ فراهم ڪندو۔ تفصيل درست هجڻ جي صورت ۾ درخواست ڏيندڙ دستخط ڪري فارم واپس جمع ڪرائيندو۔ان کان پوءِ يونين ڪائونسل ميريچ سرٽيفڪيٽ جاري ڪندي۔هي سهولت هن وقت نادرا پاک آءِ ڊي موبائل ايپ وسيلي چڪوال، ننڪانا صاحب، ڪوئٽه ۽ ڪراچي اوڀر ۾ موجود آهي۔

پنھنجي راءِ لکو