ڪراچي پورٽ تي پهرين عالمي معيار واري بنکرنگ سروس جو آغاز ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ تاريخ جو پهريون لائسنس به جاري ڪيو ويو آهي۔وفاقي وزير بحري امور جنيد انوار چوهڊري تصديق ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ بنکرنگ لاءِ پهريوناريخي لائسنس جاري ڪيو ويو آهي ۽ ڪراچي پورٽ تي جديد ۽ عالمي معيار جي سروس شروع ڪري ڏني وئي آهي۔هن ٻڌايو ته ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪمپنين بنکرنگ لائسنس ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، مستقبل ۾ پورٽن تان اربين رپين جي آمدني متوقع آهي، جتي ٻيڙين کي عالمي معيار جي فيول سپلائي سسٽم فراهم ڪيو ويندو۔جنيد انوار چوهڊري چيو ته بنکرنگ سروس وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي شروع ڪئي وئي آهي، عالمي معيار جي سروس کان ڪراچي پورٽ جي علائقائي مقابلي ۾ وڏي بهتري ايندي ۽ منظم سروسز سان غير ملڪي شپنگ لائينز جي آمد ۾ اضافو ٿيندو۔سندس چوڻ موجب بنکرنگ آپريشنز ذريعي ملڪ کي قيمتي زرمبادلا حاصل ٿيندو، ڪراچي پورٽ ۾ عالمي حفاظتي ۽ آپريشنل معيار لاڳو ڪيا ويا آهن، جڏهنتہ نئين سروس سان مرمت، سپلائيز ۽ ميرين لاجسٽڪس ۾ روزگار جا موقعا وڌندا۔ ايڌن جي معيار، دستاويزن ۽ شفافيت بابت عالمي اصولن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو۔واضح رهي ته بنکرنگ ۾ سامونڊي جهازن کي ايندھن (Fuel) فراهم ڪرڻ شامل آهي۔
