آسٽريلوي حڪومت پاران افغان طالبان خلاف نئين پابندين جي تجويز

آسٽريلوي حڪومت طرفان سنگين جرائم جي احتساب لاءِ طالبان خلاف نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ جون تجويزون پيش ڪيون ويون آهن۔طالبان جي دورِ اقتدار ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون وڌي ويون آهن، جڏهن⁠تہ آسٽريليا طالبان جي مظالمن خلاف فيصلائتو قدم کڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ۽ انسانيت جي قاتلن تي عالمي گرفت وڌيڪ سخت ٿي رهي آهي۔هيومن رائٽس واچ، آسٽريلوي حڪومت جي انهن تجويزن جي حمايت ڪئي آهي، جن ۾ سنگين انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ ملوث افغان طالبان خلاف پابنديون شامل آهن۔ آسٽريلوي حڪومت موجب اهڙن عنصرن تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ قانوني ترميمن تي غور جاري آهي۔آسٽريلوي حڪومت ٻڌايو ته نون قانونن ۾ افغانستان لاءِ مخصوص معيار متعارف ڪرايا ويندا ۽ اهڙن طالبان تي سفري پابنديون پڻ لڳائي سگهبيون۔هيومن رائٽس واچ مطابق هي مجوزہ ترميمون انساني حقن جي مجرمن طالبان جي احتساب لاءِ اهم قدم آهن۔ عالمي تنظيم جي آسٽريليا ۾ ڊائريڪٽر ڊينيلا گاوشون چيو ته سنگين جرمن جي ذميوار طالبان خلاف ڪارروائي لازمي ٿي چڪي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته افغانستان تي قابض طالبان طرفان عورتن جي بنيادي حقن تي پابنديون “جرمِ انسانيت” ۽ صنفي ظلم جي شڪل اختيار ڪري چڪيون آهن۔ اقوام متحده جي ماهرن اڳ ئي طالبان جي عورتن خلاف منظم ظلم کي صنفي تفريق قرار ڏنو آهي۔ طالبان انتظاميه سول آزادين کي گهٽائي صحافين ۽ ڪارڪنن کي حراست ۽ تشدد جو نشانو بڻايو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو