پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) غير رجسٽرڊ موبائل فون استعمال ڪندڙ شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي۔غير رجسٽرڊ موبائل فون عام طور تي سستا ملڻ سبب گهٽ آمدني رکندڙ ماڻهن لاءِ پرڪشش اختيار هوندا آهن، ڇوتہ انهن تي ڪسٽم ڊيوٽي يا ٽيڪس ادا نه ڪرڻو پوي ٿو۔پر پي ٽي اي جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غير رجسٽرڊ موبائل فون ڪنهن به وقت بلاڪ ٿي سگهي ٿو۔ ڊي آءِ آر بي ايس سسٽم تحت صرف اهي ڊوائيسز نيٽ ورڪ تي هلنديون جيڪي پي ٽي اي کان منظور ٿيل آهن۔شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته *#06# ڊائل ڪري پنهنجو 15 انگن وارو آءِ ايم اي آءِ (IMEI) نمبر حاصل ڪن ۽ پي ٽي اي جي ويب سائيٽ يا 8484 تي ايس ايم ايس ذريعي پنهنجي موبائل جو اسٽيٽس چيڪ ڪن۔اٿارٽي وڌيڪ هدايت ڪئي ته بلاڪ ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجو فون رجسٽر ڪرائجو ۽ بنا رڪاوٽ ڪنيڪٽي ويٽي جو فائدو حاصل ڪريو۔ ذميوار ڊجيٽل شهري بڻجڻ لاءِ صرف پي ٽي اي منظور ٿيل ڊوائيسز استعمال ڪريو۔
