بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) پاران رجسٽرڊ شھرين لاءِ رقم جي ادائيگي جو نئون نظام ’سوشل پروٽيڪشن والٽس‘ متعارف ڪرائي ڇڏيو ويو آهي۔چيئرپرسن BISP، سينيٽر روبينه خالد جي مطابق، هي نظام رقم جي ادائيگي کي وڌيڪ شفاف ۽ آسان بڻائڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي۔رجسٽرڊ عورتن کي مفت سيم ڪارڊز (SIM Cards) تقسيم ڪيا ويندا۔عورتون پنهنجو اصل شناختي ڪارڊ ۽ موبائل فون سان ويجهي BISP آفيس يا مقرر ڪيل ڪيمپ تي وڃي سگهن ٿيون۔بايوميٽرڪ تصديق بعد سيم ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو، جنهن سان انهن جو سوشل پروٽيڪشن والٽ فعال ٿيندو۔يم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي به رقم ادا نه ڪريو، ڇو ته هي مڪمل طور مفت آهي۔سوشل پروٽيڪشن والٽ صرف BISP پاران جاري ڪيو ويندو، ڪنهن غير مجاز شخص يا اداري سان رابطو نه ڪيو وڃي۔چيئرپرسن چيو ته مستقبل ۾ سڀني ادائيگيون سوشل پروٽيڪشن والٽس ذريعي منتقل ڪيون وينديون ۽ ادائيگي بابت اطلاع پڻ انهي سيم تي موصول ٿيندي۔
