وزيراعليٰ ڪي پي سُهيل آفريدي جي مبينا ڌمڪي آميز بيان تي اليڪشن ڪميشن جو ممڪن ايڪشن اڄ هنگامي

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سُهيل آفريدي جي تازي بيانن تي سخت نوٽيس وٺندي اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي۔ اجلاس ۾ وزيراعليٰ جي بيان جو جائزو وٺي، ممڪن قانوني ڪارروائي تي غور ڪيو ويندو۔ذريعن موجب، وزيراعليٰ سُهيل آفريدي حويلياں ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ضمني چونڊن ۾ سرڪاري ملازمن جي ڊيوٽي ۽ قانون جي عملداري بابت سخت ۽ ڌمڪي آميز لفظ استعمال ڪيا هئا، جن تي اليڪشن ڪميشن سنجيده نوٽيس ورتو آهي۔اجلاس ۾ انهن سرڪاري ملازمن جي بيانن جو به جائزو ورتو ويندو، جيڪي ضمني چونڊن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن۔ٻئي پاسي، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته سُهيل آفريدي جو بيان سياق و سباق کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو آهي۔ ترجمان چيو ته وزيراعليٰ جو پيغام صاف هو ته چونڊن ۾ مداخلت يا ڪنهن به غيرقانوني قدم تي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ترجمان موجب ڪنهن به شخص کي ڌمڪي نه ڏني وئي آهي، بيان صرف قانون جي عملداري بابت هو۔هن وڌيڪ چيو ته ايماندار آفيسر مڪمل تحفظ ۾ آهن جڏهن⁠⁠تہ قانون ڀڃندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي۔بيانن کي غلط رنگ ڏيڻ صرف سياسي پوائنٽ اسڪورنگ آهي، جڏھن⁠⁠تہ صوبائي حڪومت هر قيمت تي شفاف ۽ غيرجانبدار ضمني چونڊون يقيني بڻائيندي۔

پنھنجي راءِ لکو