پريالوءِ ڀرسان ٻن ڀائرن جو مبينا اغوا وارثن جو تڪرار ۽ قتل جي خدشن جو اظهار

پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ڇٽل ڄامڙو مان مبينا طور ٻن ڀائرن مسلم پٽ بشير ۽ اڪرم پٽ بشير احمد ڄامڙو کي ڇهن هٿياربندن اغوا ڪري ورتو.مبينا اغوا ٿيل نوجوانن جي وارث زبير احمد ڄامڙو ٻڌايو ته سندس سوٽ مسلم ۽ اڪرم ڪيلن جي باغ تي ڪم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ هٿياربندن کين اغوا ڪري ورتو وارثن موجب ڄامڙا برادري ۽ عالم ڄامڙو علي خان ڄامڙو گروپ ۾ تڪرار هلي رهيو آهي، جنهن سبب شبهو آهي ته انهن ئي نوجوانن کي اغوا ڪيو آهي زبير احمد ڄامڙو خدشو ظاهر ڪيو ته انهن جي نوجوانن کي قتل به ڪري سگهجي ٿو واقعي بابت فيض محمد ٻنڊو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي، پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي آهي

پنھنجي راءِ لکو