اين سي سي آءِ جو وڏو انتظامي قدم پراڻن آفيسرن کي هٽائي نيون مقرريون نوٽيفڪيشن جاري

نيشنل ڪائونٽر نارکوٽڪس سينٽر (NCCI) اهم انتظامي فيصلا ڪندي پنهنجي سڀني پراڻن آفيسرن کي عهدن تانهٽائي ڇڏيو آهي ۽ نيون مقرريون جاري ڪري ڇڏيون آهن۔ اين سي سي آءِ هيڊڪوارٽر موجب اهي تبديليونادارتيڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ مختلف زونز ۾ منشيات خلاف ڪارروائين جي نگراني وڌيڪ مؤثر ڪرڻ لاءِ ڪيون ويون آهن۔ايڊشنل ڊائريڪٽر راولپنڊي عبدالروف کان چارج واپس وٺي ڇڏيو ويو۔ايڊشنل ڊائريڪٽر ايڊمن محمود الحسن کي به عهدو ڇڏائڻو پيو۔ڪراچي ۽ ملتان زون جي ايڊشنل ڊائريڪٽرز عبدالغفار ۽ احمد زعيم کي فارغ ڪيو ويو۔ايبٽ آباد جو ڊپٽي ڊائريڪٽر طاهر خان او ايس ڊي مقرر ڪيو ويو۔فيصل آباد ۽ سکر جا اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آصف اقبال ۽ امجد عباسي کان به چارج واپس ورتو ويو۔حسان الله چوهان کي ايڊشنل ڊائريڪٽر راولپنڊي زون مقرر ڪيو ويو۔دثر شاهه کي ايڊشنل ڊائريڪٽر شاور زون تعينات ڪيو ويو۔طارق خان کي ايڊشنل ڊائريڪٽر ڪوئيٽا زون لڳايو ويو۔ڪراچي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فصيح کي سکر زون جو انچارج بڻايو ويو۔ ين سي سي آءِ هيڊڪوارٽر سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي فوري طور تي هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪن۔حڪام ٻڌايو ته اهي تبديليون منشيات خلاف جدوجهد ۾ وڌيڪ اثرائتي حڪمت عملي ۽ مضبوط انتظام کي يقيني بڻائينديون۔

پنھنجي راءِ لکو